سانگهڙ ۾ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف جسقم پاران  احتجاجي مظاھرو

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف جسقم جو احتجاج، سانگهڙ پريس ڪلب ٻاهران جسقم جي مرڪزي قيادت جي سڏ تي ضلعي صدر آزاد ڪنڀر ۽ اختر مري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪارڪنن چيو ته اسان ڪارونجهر جي نيلامي هر گز ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪارونجهر اسان جي سنڌ جي سونهن آهي،

ان سونهن تي گندي نظر رکندڙن سان مهاڏو اٽڪائينداسين، ڪارونجهر قدرت جي نعمت سان مالا مال آهي، هي سنڌ جي قديم تهذيب آهي جتي هنڌو ڌرم جا هزارين مندر ۽ عبادتگاهون آهن  انهن کي ڊاهي ڪارونجهر کي کپايو پيو وڃي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا،

اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو روح آهي جنهن روح سان محبت سمايل آهي ان عمل خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت کي فوري طور تي ڪارونجهر جي نيلامي واپس وٺڻ گهرجي.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو