گهوٽڪي: ماڙي پئٽروليم ڪمپني خلاف کروهي واسين پاران احتجاجي مظاهرو
گهوٽڪي (ڊسٽرڪٽ رپورٽ: محمد امين سومرو) ماڙي پئٽروليم ڪمپني خلاف کروهي جي رهواسين محمد علي شر ۔لطف ميان شر ۔عمران علي شر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڌرڻو۔
احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڙي پئيٽروليم ڪمپني ڏاڍ ۽ جبر سان پائپ لائين اسان جي زمينن مان گزارڻ چاهي ٿي جيڪا سراسر اسان سان ناانصافي آھي ۽ اسان ائين هرگز ڪرڻ ڪون ڏيندا سون ۔اسان جي زمينن مان گئيس نڪري ٿو
جنهن مان ڪمپني کي عربين روپيا ڪمائي ٿئي ٿي پر ڪمپني هن مهل تائين کروهي جي عوام کي ڪوبه رليف نه ڏنو آھي جيڪو سراسر قانون جي خلاف ورزي آھي جڏهن ته ڪمپني کي 5پرسنٽ انهي علائقي فلاح بهبود لاء ڪم ڪرڻو آھي
جنهن ۾ صحت۔ تعليم صاف پاڻي مهيا ڪرڻ روڊرستا وغيره اچي وڄن ٿا پر ڪمپني هن مهل تائين هڪ روپئي جو ڪم نه ڪرايو آھي ۽ويتر پائيپ لائن زبردستي گزارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي
پر اسان ائين هرگز ڪرڻ ڪون ڏيندا سون ۔اڳواڻ ايم ڊي ماڙي پئٽروليم کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ لائن آفيسر انور علي کي هٽايو وڃي
۽ انهي جي جاء تي ڪو ايماندار آفيسر رکيو وڃي ته جيئن عوام مان بيچيني ختم ٿئي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ڊي سي گهوٽڪي کان فوري نوٽيس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.
آگسٽ 4, 2023