ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڪنوينر پاپولر ليفٽ الائنس پاران مھانگائي خلاف احتجاج 6 آگسٽ تي ڪي پي سي اڳيان ڪيوويندو
ڪراچي ( پ ر) سيڪريٽري جنرل ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان ۽ ڪنوينر پاپولر ليفٽ الائنس جي ترجمان پنھنجي بيان ۾ پڌرو ڪيو آھي تھ ملڪ اندر عذاب واري مھانگيءَ عوام کان ھڪ ويلي جي ماني بھ کسي ورتي آھي
حڪمرانن جي اھڙين خطرناڪ معاشي پاليسين سبب ملڪ جو عوام بک وگھي مري رھيو آھي، ان حوالي سان ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان ۽ ڪنوينر پاپولر ليفٽ لائينس پاران تاريخ 6 آگسٽ 2023، وقت شام جو ساڍي ٽين وڳي پريس ڪلب چورنگي ڪراچي کان پريس ڪلب ڪراچي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. جنھن جي اڳواڻي ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جو جنرل سيڪريٽري قاضي امداد ۽ ٻيا اڳواڻ ڪندا.
آگسٽ 4, 2023