ڪشمور: قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪارونجھر جبل جي نيلامي خلاف احتجاج

Spread the love

ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو) قومي عوامي تحريڪ مرڪز جي سڏ تي سنڌ دشمن زرداري ليگ طرفان 5 ھزار سال پراڻي ڪارونجھر جبل جي  ڪٽائي ۽ نيلامي خلاف اڄ نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ تعلقه ڪشمور جي صدر ضمير حسين چنہ،عبدالحميد ملڪ، عبدالغفور لاشاري، مور چاچڙ، عبدالرزاق شيخ،ڪامران شيخ، اندر اوڏ، عبدالغنی بجاراڻي، ايس يو پي جي اڳواڻ حضرت الله مزاري، ھدايت الله جکراڻي، شھري ايڪشن جي اڳواڻ حاڪم ڀٽي راڻا غفار، عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ فاروق نائچ ۽ ٻين ڪئي ريلي

۾ وڏي انگ ۾  ڪارڪن ۽ شھرين شرڪت ڪئي ان دوران مظاهرو ڪندڙن سنڌ حڪومت خلاف سخت  نعريبازي ڪئي وئي ڪارونجهر جي نيلامي خلاف نڪتل ريلي جڏھن پريس ڪلب پھتي تـه وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي

اڳوڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته زرداري ليگ جي سنڌ دشمن تاريخ مختلف واقعن سان ڀري پئي آھي سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ـ بحريا جي صورت ۾ کپائڻ ڪرپشن خراب حڪمراني اقربا پروري ميرٽ جي لتاڙ تائين تاريخ ڀري پئي آھي

 تازو 5 ھزار سال پراڻي ڪارونجھر کي زرداري ليگ نيلام ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آھي جنھن مان کربين جي ڪرپشن ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آھي جنھن کي اسين رد ڪيون ٿا ۽ اھڙي ڪا به سنڌ جي وسيلن خلاف ٿيندڙ سازش ڪامياب ڪونه ٿيڻ ڏينداسين سنڌ جي وسائل معدنيات زمينن ۽ ڪارونجهر جي نيلامي سميت تمام سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيون ٿا

سنڌ ڌرتي سنڌي عوام جي ملڪيت آهي ڌرتي تي ڌاڙا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبا سنڌ حڪومت ۽ انهن کي اقتدار ۾ آڻيندڙ قوتون ڪنهن ناجائز مقصد ۾ ڪامياب ڪونه ٿينديون سنڌ گدڙن ناهي کاڌي ۽ نه ئي سنڌ امڙ جا وارث ختم ٿي ويا آهن

هي سنڌ دشمن حڪومت ۽ رياست جيترا نوجوان حراسان ڪري گرفتار ڪن جعلي مقابلا ڄاڻائي مارايا وڃن سنڌ جون امڙيون نه ٿڪنديون ايترا ٻيا پيدا ڪنديون تايخ گواھ رهندي ته يذيد ۽ فرعون کان پوء به ڪي حرامي بادشاھ ٿي گذريا جن سنڌ جي قديمي ورثن جي ڀينگ ڪئي

 پر عوام خاموش نه رهي تاريخ سڀ  ڏسي ۽ لکي پئي وقت جا فرعون ۽ زمين جا خدا ٿيل انشاءاللّٰه عبرت جو نشان ٿيندا، ھنن مطالبو ڪيو ته فلفور ڪارونجھر جي نيلامي روڪي وڃي ۽ ھن ھزارين سالن جي تھذيبي ورثي کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي ورثو محفوظ ڪيو وڃي.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو