ڏوڪري: ڪارونجهر جي نيلامي خلاف جسقم جي سڏ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

Spread the love

ڏوڪري (قاضي فريد) ڪارونجهر جي نيلامي خلاف جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ٽائون ڪاميٽي ھال ڏوڪري ۾ جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن رڪ سنڌي، امتياز کوهارو ،عزيز جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو. انهي موقعي تي ھنن چيو ته سنڌ دشمن ڌريون سنڌ جي معدني وسيلن تي ڌاڙو ھڻي رهيون آهن،

 سنڌ جا معدني وسيلا سنڌي قوم جي جياپي جو ذريعو آهن انهي تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نہ ٿينداسون.

سنڌي قوم ڪارونجهر جي نيلامي رد ڪري ٿي، قومپرست تنظيمون ۽ ساڃاه وند ڌريون ڪنهن به صورت ۾ نيلام ٿيڻ نہ ڏينديون.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو