ڏوڪري: محمد ڇٽل ابڙو ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) لبيڪ يا مظلوم ڪربلا مولا حسين عليہ السلام ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ محمد ڇٽل ابڙو ۾ زوار فدا حسين ابڙو، گدا حسين ابڙو، عاشق علي ابڙو پاران ڪربلا جي شهيدن جي ٽيهجي جي حوالي سان مجلس عزا منعقد ڪئي وئي

 مجلس عزا کي علامہ سيد ذاڪر حسين شاھ، محسن عباس قمي، ذاڪر شهيمر حسين ڀيو، علامہ رياض حسين مطهري، شرف حسين لنڊ، مولوي امداد حسين گوپانگ ۽ ٻين مجلس عزا کي خطاب ڪندي چيو ته ڏھ محرم الحرام جي ڏهاڙي تي مولا حسين عليہ السلام ۽ مولا جي جانثارن کي شهيد ڪيو ويو، يزيد معلون مولا حسين عليہ السلام جن جي شهادت کان بعد آل محمد ﷺ کي قيد ڪري ظلم جي انتها ڪئي هئي. مقررين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسلام کي بچائڻ لاءِ آل محمد ﷺ جانين جا نذرانا ڏئي اسلام جو علم بلند ڪيو آهي، اڄ به اسلام تي احسان مولا حسين عليہ السلام جن جو آهي.

 مقرر چيو ته آل محمد ﷺ جن جي خوشين ۾ خوش ٿيڻ ۽ غم ۾ غمگين ٿيڻ ئي مومنين جي نشاني آهي، مومنين آل محمد ﷺ جن جي خوشي ۾ خوش هوندو آهي ۽ غم ۾ ڪارو لباس پائي آل محمد ﷺ جو غم ڪندو آهي. آخر ۾ مومنين ۾ ننگر نياز تقسيم ڪيو ويو.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو