ٺٽو: پوليس پاران مڪلي ۾ يوم شھداءُ ڏھاڙو عقيدت، احترام سان ملھايو ويو

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) ٺٽو پوليس پاران ssp آفيس مڪلي ۾ 4 آگسٽ پوليس جي يوم شھداء وارو ڏيھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو،

جنھن ۾ ssp ٺٽو عديل حسين چانڊيو پاران پوليس افيسرن ۽ پوليس جي جوانن سان گڏ شھيد ٿيل پوليس پوليس اھلڪارن جي ايثال ثواب لاء پوليس ھيڊڪواٽر مڪلي ۾ قرآن خواني ڪرائي شھيدن جي ايثال ثواب لاء خصوصي خصوصي دعائون گھرڻ بعد ssp آفيس مڪلي ۾ شھيدن جي يادگارن تي پوليس آفيسرن ۽ پوليس جي چاڪ چوبند دستي سان سلامي پيش ڪري فاتح خواني ڪرڻ بعد ssp آفيس ۾ ھڪ ريلي پڻ ڪڍي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي،

ان موقعي تي خطاب ڪندي SSP ٺٽو عديل حسين چانڊيو چيو تہ شھيد اسانجي قوم جو سرمايو آھن، امن و امان خاطر پوليس جي شھيدن جون قربانيون قابل تعريف آھن،

اڄ جيڪو امن قائم آھي، ان ۾ سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون شامل آھن، SSP ٺٽو عديل حسين چانديو چيو تہ شھيدن جا وارث ۽ گھر ڀاتي پاڻ کي ڪڏھن بہ اڪيلو نہ سمجھن، ٺٽو پوليس ۽ انتظاميہ ساڻن ھر قدم تي گڏ اھي ۽ گڏ رھندي.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو