ملير : مراد ميمڻ جي مين واٽر سپلاء آڏو بيٺل  گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو

Spread the love

ملير (ڊر ) ملير جي مرڪزي علائقي مراد ميمڻ ڳوٺ جي مين واٽر سپلاء آڏو بيٺل گندو پاڻي 2 هفتا گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿي سگهيو، گٽرن جو گندو پاڻي پيئڻ جي پاڻي ۾ شامل ٿيڻ لڳو، انتظاميا پاڻي جي نيڪال مڪمل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام بڻيل،

واٽر سپلاء جي ملازم مجيد ميمڻ ۽علائقي واسين رشيد ميمڻ، غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صفائي عملي توڙي لاڳاپيل انتظاميا کي بار بار چوڻ باوجود ڪو به تحرڪ نه پيو ورتو وڃي گٽرن جو گندو پاڻي واٽر سپلائي جي والن ۾ شامل ٿي ويو آهي

 جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي ۾ بدبو پيدا ٿي وئي آهي، خدشو آهي ته گدلي پاڻي سبب علائقي ۾ ڊائريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي وينديون هن چيو ته 50 هزار جي آبادي کي مين واٽر سپلائي تان پيئڻ جو پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي تنهن باوجود صفائي عملو توڙي لاڳاپيل انتظاميا مڪمل طور تي لاتعلق بڻيل آهي،

 هن اعلي اختيارين سان مطالبو ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي گندي پاڻي جو نيڪال ڪري واٽر سپلاء جي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ مستقل طور تي قدم کنيا وڃن.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو