ملير : رزاق آباد ۾ ڊجيٽل لرننگ پروگرام منصوبي جو افتتاح وڏي وزير ڪيو   

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) ملير رزاق آباد ۾ ڊجيٽل لرننگ پروگرام جي منصوبي جو وڏي وزير جو افتتاح  ، ٻن مائڪرو اسڪولز جي پيڙ جو پٿر رکيو ويو ، ايڪسلريٽڊ ڊجيٽل لررنگ پروگرام جي ابتدائي مرحلو شروع ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاه چيو ته ڊجيٽل لررننگ پروگرام جي لاء سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ ٽيڪ ورلڊ فائونڊيشن ٻنهي گڏيل طور ڪم ڪندا صوبي ۾ سيف 100 ڊجيٽل اسڪول کي مائڪرو اسڪول ۽ 25 ڊجيٽل ڪلاسز رومز ٺاهيندي سنڌ حڪومت ڊجيٽل اسڪولز لاء 710 ملين روپين جي سيڙپ ڪري رهي آھي

پرائمري سطح تي تعليم يافته 12500 کان وڌيڪ شاگردن کي اهم خواندگي مهارتون سيکاريون وينديون تعليم جي بهتري لاء سيف تحت معياري واڌ ويجھ لاء ڪم ڪريون پيا ڊجيٽل تعيلم کي هٿي وٺرائڻ لاء هن منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آھيون

منهنجو مقصد بهترين معياري تعليم تائين رسائي ۽ تعيلمي معيار کي بهتر بڻائڻ آھي اڄ پهريون مرحلو شروع ڪيو ويو آھي ٽي ٽي ڊبليو ايف ذريعي لاڳو ڪيو ويو آھي

 پروجيڪٽ 18 مهينن تائين هلندو ۽ پوء ٻيا ٻين شين کي به شامل ڪيو ويندو اڄ ٻن مائڪرو اسڪولن جو بنياد وڌو آھي منصوبي سان ڪراچي ۾ ڏتڙيل آبادي واري علائقي رزاق آباد کان ڪيو پيو وڃي آئنده سال 100 مائڪرو اسڪولز 25 ڊجيٽل اسڪولز جي ڪلاسز رومز مڪمل ٿي ويندا سيف جدرد طرز جي صوبي ۾ تعليم لاء ڏيڻ لاء پاپند ڪيو آهي.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو