شھيد پوليس اھلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا: ذوالفقار علي مھر
ميرپورخاص (رپورٽ: خدابخش چوھاڻ) ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ذوالفقار علي مهر جو پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي خصوصي پيغام
پنهنجي فرض جي راھ جانون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ، جن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. ڊي آءِ جي ميرپورخاص
ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ميرپورخاص رينج جناب ذوالفقار علي مهر 4 آگسٽ تي ”پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي“ جي موقعي تي پوليس جي شهيدن جي وارثن ۽ خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ پوليس جي سوين شهيدن جي بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته امن امان قائم رکڻ ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سنڌ پوليس جا هيرو ۽ قوم جا هيرو آهن، جن کي پوليس کاتو ڪڏهن به وساري نه سگهندو.
هن چيو ته سنڌ پوليس هر سال 4 آگسٽ کي پوليس شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهائي ٿي، اڄوڪو ڏينهن شهيدن سان وفا جي تجديد جو ڏينهن آهي.
ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج وڌيڪ چيو ته مان انهن شهيدن جي مائرن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن وطن جي حفاظت لاءِ جانون قربان ڪيون، انهن شهيدن جي خاندانن، والدين ۽ ٻارن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن جي پيارن شهادت جو عظيم مقام حاصل ڪيو. ميرپورخاص رينج جي هيڊ جي حيثيت سان پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي بهتر ڀلائي منهنجي اولين ترجيح آهي.
هر خوشي ۽ غم جي موقعي تي پوليس کاتو ۽ فورس پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندا. اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون پوليس جي شهيدن جي لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري رهيون آهن، زنده قومون پنهنجي هيروز کي ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهن، پوليس شهيد اسان جو قيمتي اثاثو آهن. جن جي جرئت ۽ بهادريءَ جا داستان پوري فورس لاءِ مشعل راهه آهن، اڄ سمورا پوليس آفيسر ۽ اھلڪار ان عهد جي حمايت ڪن ٿا ته جيڪڏهن اسان کي عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ وڌيڪ جانيون به ڏيڻيون پيون وڃن. ان ۾ ڪنهن کان به دریغ نه ڪيو ويندو ۽ عمل جي ميدان ۾ هر وقت تيار آهيون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ پوليس جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن شهادت جو پيالو پيتو.
آخر ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص رينج ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص شهيدن جي وارثن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ تحفا ورهايا.
آگسٽ 4, 2023