سيوھڻ: صحافي برادري پاران ڌمڪين ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

سيوهڻ ( رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ شريف ۾ زيڊ ايڪيھ Z 21 زهريلي سوپارين جي وڏي واپاري سونو پراڙو پارن صحافي علي نواز ڪنڀر کي حق سچ لکڻ تان درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليہ جي گولڊن گيٽ جي وي آء پي  گيٽ تي سندس دوڪان تي حملو ڪرڻ ۽ هٿيار کڻي پنهنجا ساٿي وٺي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جي خلاف صحافي برادري  احتجاجي مظاهرو ڪيو

 ان موقعي تي صحافي برادريء احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سيوھڻ شھر ۾  ته منشيات جو وڪرو عام جام ٿي رھيو آھي سيوھڻ جي پوليس Z-21 نشي واري  سوپاري وڪرو ڪندڙن کي ڪجھ ن ڪري رھي آھي، جڏھن ت ڪو صحافي زھريلي سوپاري وڪرو ڪندڙن خلاف خبرون ھلائڻ ٿا ت انھن صحافي ڀائرن کي ڌمڪايو ٿو وڃي انھن تي حملو ڪرايو ٿو وڃي،

 انھن کي ڌمڪيون ڏنيون ٿيون وڃن، سيوھڻ شھر ۾  زهريلي زيڊ ايڪيھ Z 21  سوپارين جو وڪرو ڪري سيوھڻ جي  نوجوان نسلن کي تباھ ڪري ڇڏيو

 اٿن وري جيڪڏهن ڪو صحافي انهن زهريلي سوپارين وڪرو ڪرڻ وارن جي خلاف ڪا خبر هلائين ته انهن جي مٿان هٿيارن سان حملو ڪري موتمار ڌمڪيون ٿا ڏين وڌيڪ صحافين  احتجاجي  مظاهرو ڪندي ڊي آء جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ڄامشورو ، اي ايس پي سيوهڻ ۽ ايس ايڇ او سيوهڻ کان مطالبو ڪيو آھي

 ته فوري طور تي هن زهريلي سوپارين جي واپارين کي گرفتار ڪري نوجوان نسل بچايو وڃي ۽ صحافين سان انصاف ڪيو وڃي.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو