سيوھڻ : جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي ڪارونجھر جي نيلامي خلاف احتجاج
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ (جسفم) جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سونھن ڪارونجھر جبل جي نيلامي ۽ ڪٽائي جو موجوده حڪومت بل منظور ڪرڻ خلاف گولڊن گيٽ کان سنڌ پريس ڪلب سيوھڻ جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، سيوهڻ احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي جيئي سنڌ فريڊم مومينٽ (جسفم ) سيوھڻ طارق بڙدي ۽ ذيشان بڙدي آفتاب بڙدي امين بڙدي ڪئي
ان موقعي تي وڌيڪ مظاهرين ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪارونجھر جبل کي وڪرو ڪرڻ جي لاء سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪري ڪارونجھر جبل کي وڪرو ڪرڻ جو بل پاس ڪري ڪارونجھر جبل کي کپايو ويو آھي جيڪو سنڌ گورنمنٽ جو غلط عمل آھي سنڌ حڪومت سڄي سنڌ جي ملڪيتن کي کپائي سنڌ جي عوام سان ظلم ڪري رھي آھي
ان ظلم خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ سيوھڻ ۽ جسفم جي مرڪزي سڏ تي ھي احتجاج ڪري رھيا آھيون اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ت ڪارونجھر جبل جو وڪرو ۽ ڪٽائي وارو ڪم بند ڪيو وڃي
۽ جيڪو سنڌ اسيمبلي مان ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي وارو ء وڪرو ڪرڻ وارو بل پاس ڪيو ويو آھي ان بل کي رد ڪيو وڃي.
آگسٽ 4, 2023