سرڪاري ملازمن جي نئين وڌيل پگهار ڪڏهن کان ملندي؟

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) نگران صوبائي ڪابينا پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

صوبائي ڪابينا پگهارن ۾ واڌ جي مد ۾ 32 ارب رپين جي رقم جي به منظوري ڏني.

نگران وڏي وزير محسن نقوي ڪابينا سامهون ايڍاڪ رليف جي منظوري رکي، دستاويز موجب وفاق تحت پنجاب جي ملازمن جي گريد هڪ کان سورهن تائين پنجٽيهه سيڪڙو واڌ منظور ڪئي وئي.

ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ ساڍا سترهن سيڪڙو واڌ منظور ڪئي وئي جڏهن ته گريڊ سترهن کان ٻاويهه جيملازمن لاءِ ٽيهه سيڪڙو واڌ منظور ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌيل پگهار پهرين آگسٽ کان ملندي.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو