سانگھڙ ۾ سنڌ پوليس جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ ۾ سنڌ پوليس جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ضلعي ڪائونسل سانگھڙ سامھون قائم ڪيل يادگار شھدا تي ھڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو

جنھن ۾ ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ، ڊي ايس پي آصف آرائين، فيڊريشن آف ڪامرس جو اڳواڻ ماسٽر شير محمد، ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين راشد مغل سميت پوليس عملدارن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، يادگار شھدا تي گل نڇاور ڪيا ويا

۽ پوليس جي دستي سلامي پڻ پيش ڪئي وئي ، يادگار شھدا جي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ ميرپور چوڪ کان يادگار شھدا تائين ھڪ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ واپاري اڳواڻن ۽ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي

 يادگار شھدا آڏو ريلي کي خطاب ڪندي ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ ، فيڊريشن آف ڪامرس اڳواڻ ماسٽر شير محمد ۽ ٻين چيو ته سنڌ پوليس ھميشه امن امان کي برقرار رکڻ ۽ معاشري کي برائي کان پاڪ رکڻ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن،

سنڌ پوليس جي جوانن عوام کي ڌاڙيلن جي عذاب کان بچائڻ لاءِ ڪيترائي آپريشن ڪيا ۽ پنھجي جانين جو نظرانو ڏئي شھادت ماڻي، جڏهن ته دھشتگردن کان مھاڏو اٽڪائيندي پڻ ڪيترائي اھلڪار شھيد ٿيا،

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جي انھن بھادر جوانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء اڄ تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن اسين انھن سمورن شهيدن کي سلام پيش ٿا ڪيون جن عوام جي خدمت لاءِ پنھنجي جانيون ڏيئي شھادت ماڻي.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو