روهڙي لڳ اڇيون قبيون جي شر برادري جو پوليس جي ڏاڍاين ۽ ناجائزين خلاف احتجاج

Spread the love

روهڙي (رپوٽ: علي خان چنجڻ) روهڙي ويجهو ڳوٺ اڇيون قبيون جي شر برادري جو وومين سيل پوليس جي ليڊيز انچارج جي ڏاڍاين ۽ ناجائزين خلاف احتجاج

تفصيل موجب روھڙي جي علائقي اڇيون قبيون ۾ شر برادري مائي سچل ۽ اڏيل شر جي اڳواڻيءَ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاج ڪندي ٻڌايو ته وومين سيل جي ليڊيز پوليس جي انچارج رابيل ميراڻي اسان جي مخالفن جي چوڻ تي ڇهارا منڊي جي پوليس ۽ ڪجهه پرائيويٽ ماڻهو ساڻ ڪري اسان جي گهرن ۾ گهڙي باهيون ڏنيون ۽ اسان جو قيمتي سامان سان گڏ اسان جا ٻه نوجوان به اغوا ڪرائي وئي

هن پرائيويٽ ماڻهو ساڻ ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسان سائين ناصر شاهه. سائين ڪميل حيدر شاھ. ۽ سائين خورشيد احمد شاهه. ڊي آئي جي سکر. ايس ايس پي سکر کي جهول جهلي اپيل ٿا ڪريون

ته هن پوليس جي ظلمن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان جا نوجوان بازياب ڪرائي ڏنا وڃن ۽ سامان واپس ڪرائي پوليس جي ليڊيز اهلڪار ۽ ڇهارا منڊي پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي نه ٻي صورت اسان نيشنل هاء وي تي ڌرڻو هڻندا سين.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو