دادو: نثار چانڊيو واسي نوجوان گم، وارثن پاران بازيابي لاءِ احتجاج
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو سيتا روڊ جي ڳوٺ نثار چانڊيو جو رهواسي نوجوان پراسرار طور گم، امڙ جو پٽ جي بازيابي لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج، ڳوٺ نثار چانڊيو جي رهواسڻ غلام شبيران چانڊيو دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، مسمات شبيران چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 18 سالا نوجوان پٽ علي گل چانڊيو 17 ڏينهن کان پراسرار طور گم آهي، کين شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي
سيتاروڊ پوليس وٽ نينگر جي پراسرار گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪوبه تدارڪ نه ڪيو آهي، پٽ کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
آگسٽ 4, 2023