دادو: طالب الموليٰ هاءِ  اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران احتجاجي مظاھرو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) گورمينٽ طالب المولیٰ هاءِ  اسڪول دادو جي استادن ۽ شاگردن عبدالخالق جتوئي، نبي بخش سمون،  محمد اياز پنهور شاگرد ۽ ٻين اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي طالب الموليٰ سيڪنڊري اسڪول آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جهڙي نعريبازي ڪئي

طالب الموليٰ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن چيو ته گذريل ڪافي ڏينهن کان واٽر سپلائي پيئڻ جو پاڻي بند پيو آهي استاد ۽ شاگرد پاڻي نه هئڻ سبب سخت پريشان آهن

 اسان تعليم کاتي ميونسپل ۽ پبلڪ هليٿ کي لکت ۾ ليٽر موڪليا آهن ان تي ڪو عمل نه ٿيو آهي جيڪڏهن واٽر سپلائي پاڻي چالو نه ڪيو ويو ته استاد ۽ شاگرد  پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪندا.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو