دادو: سنڌي ادبي سنگت پاران ڪارونجهر جي نيلامي خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو پاران سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سنڌي ادبي سنگت آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ضلعي رابطه سيڪريٽري وسيم آڪاش سيتائي جي اڳواڻي ۾  ڪڍي وئي،

اڳواڻن آصف سيتائي،رجب آزاد سولنگي،هارون احسن، معصوم بخاري، عاشق دادوي، سليمان سومرو،تابش بخاري، مهراڻ شاه

خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر ٽڪر هڪ تهذيب ۽ ثقافت جو نالو آهي، جنهن کي نيلام ٿيڻ هرگز نه ڏينداسين، سنڌ جي تاريخي ورثي سان هٿ چراند بند ڪري ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج قرار ڏنو وڃي، اڳواڻن حڪومتي ڌر کان مطالبو ڪيو

 ته سنڌ اسيمبلي مان ڪارونجهر جبل جي تحفظ لاءِ بل پاس ڪري هميشه لاءِ جبل کي محفوظ ڪيو وڃي، ٻئي صورت  ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو پاران احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو