جھمپير لڳ ڌارين ماڻھن مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) جھمپير ويجھو ميٽينگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڌارين ماڻھن مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو، حد جي پوليس بہ انھن جي ساٿاري بڻيل، بااثر ڌارين ماڻھن جي چرچ تي جھرڪ پوليس مقامي7 نوجوانن کي مبينا طور کنڀي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، گرفتار نوجوان جي وارثن جو جھرڪ تي احتجاج، انصاف جو مطالبو، ان سلسلي ۾ جھرڪ پوليس ھٿان مبينا کبڀي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪيل7 نوجوانن جي وارثن سندن آزادي لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو جھرڪ چوڪ وٽ ٺٽو/حيدراباد روڊ تي خدابخش ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي الزام ھڻندي چيو تہ ميٽنگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڊي ايس پي جهرڪ قادر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ غير مقامي پٺاڻن ولي خان پٺاڻ، عمر خان پٺاڻ ۽ ٻين جي چُرچ تي اسانجي گھرن تي ڪاھ ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد اسانجي7 نوجوانن اعجاز ٻرڙو، شاھنواز مڱڻھار، مھر علي قمبراڻي، حسين بخش پنھور، وقاص ٿيٻو، احمد علي ٿيٻو، غلام محمد لاشاري کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي،

 ھنن چيو تہ کين خدشو آھي ته ڪٿي پوليس بااثر ماڻھن جي چرچ تي کين نقصان نہ پھچائي. ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ زمينون بہ مقامي ماڻھن جون آھن ھنن گھر ڪئي تہ فورن سندن گرفتار سمورن نوجوانن کي آزاد ڪرائي بااثر ڌارين ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري سندن ٺيڪي تي کنيل ڪوئلي جي کاڻين جون ليزون ختم ڪري مقامي رھواسين سان انصاف ڪيو وڃي.

آگسٽ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو