95 سالن جي همراهه جي ٻي شادي، اڪيلائي ختم ڪري ڇڏيائين

Spread the love

مانسهرا (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا صوبي جي شهر مانسهره جي محمد زڪريا پنهنجي تنهائي بابت ٻارن کي ٻڌايو

۽ سندس ٻارن به هن جو درد سمجهيو ۽ اهڙي ريت 95 سالن جي پيءُ جي شادي ڪرائي ڇڏي. پنهنجي شادي جي

تقريب ۾ گهوٽ به خوش نظر آيو.

ان حقيقت ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ پيرسن ماڻهن کي به ڪنهن ساٿي، ڏک سک جي سهاري

جي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ پيرسن به عام طور تي سماجي دٻاءَ کي ڏسندي خاموش رهڻ ۾ ئي چڱائي سمجهندا آهن.

مانسهره جي علائي پکوال چوڪ جي رهواسي محمد زڪريا جي نڪاح جي تقريب ٻه هفتا اڳ سرائي عالمگير

جيهڪ شادي هال ۾ ٿي جنهن بعد تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.

محمد زڪريا جا ست پٽ ۽ پنج ڌيئيون آهن ۽ انهن مان اڪثر اولاد وارا آهن، هو پاڻ پنهنجو ڪاروبار ڪندو آهي.

ان موقعي تي نڪاح پڙهائيندڙ مولوي چيو ته محمد زڪريا جي پهرين زال 2011 ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي جنهن بعد هو اڪيلو محسوس ڪري رهيو هو،هو ڊگهي وقت کان شادي ڪرڻ چاهي رهيو هو پر ٻار نه پيا مڃين پر سندس ننڍي پٽ وقار تنولي سندس اها خواهش ڪنوار ڳولي پوري ڪئي.

جنهن عورت سان محمد زڪريا جي شادي ٿي آهي اها بيواهه آهي.

آگسٽ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو