پنهنجي موت جي اڳڪٿي ڪندڙ ماڊل ڪجهه هفتن کانپوءِ ئي فوت ٿي وئي

Spread the love

ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي موت جي اڳڪٿي ڪندڙ وينزويلا جي 26 ورهين جي ماڊل آريانا ويئرا آمريڪا ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب آريانا ويئرا گذريل سال آڪٽوبر ۾ ”مس لاطيني آمريڪا 2023“ جي مقابلي ۾ پنهنجي ملڪ وينزويلا جي نمائندگي ڪئي هئي.

آريانا آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر اورلينڊو ۾ موجود هئي، جتي هوءَ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پئي ۽ گذريل ڏينهن زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.

سندس ماءُ ويويان اوشوا ٻڌايو ته ڌيءَ حادثي وقت گاڏي پاڻ هلائي رهي هئي، هو سخت ٿڪاوٽ جو شڪار هئي، جنهن سبب کيس ننڊ اچي وئي ۽ ان جي گاڏي سامهون ايندڙ گاڏي سان ٽڪرجي پئي.

هن چيو ته منهنجي ڌيءَ نيو يارڪ سٽي ۾ ٿيندڙ هڪ حسن جي مقابلي ۾ شرڪت ڪري رهي هئي.

رپورٽ موجب آريانا ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي موت ۽ آخري رسمن جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

آگسٽ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو