شاهنواز ڏاهاڻي وڏو ڳائڻو نڪتو، گاني جي وڊيو وائرل

Spread the love

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي اڪثر پنهنجي دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرن ذريعي مداحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺندو آهي ۽ تازو حسن علي سندس هڪ دلچسپ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي .

حسن علي هڪ تقريب ۾ شاهنواز ڏاهاڻي جي گيت ڳائڻ واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ” نئون گلوڪار “ .

وڊيو شيئر ٿيندي ئي مداح ان تي دلچسپ تبصرا شروع ڪري ڇڏيا، ڪيئي واهپيدارن شاهنواز ڏاهاڻي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته مهرباني ڪري هن کان مائيڪ وٺو.

هڪ صارف لکيو ته وائيڊ بال، جڏهن ته ٻئي واهپيدار شاهنواز ڏاهاڻي ساراهه ڪندي لکيو ته سُٺي ڪوشش آهي پر ڌيان ڪرڪيٽ تي ئي هجڻ گهرجي.

آگسٽ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو