گذريل دور ۾ فيض حميد سميت 5 ڄڻن جي گينگ ٺهي، ڊي سي جو ريٽ 3 ڪروڙ هو: عليم خان

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان چيو آهي ته 9 مئي واقعن ۾ حاضر سروس آفيسر شريڪ هئا، جن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، گذريل دور ۾ فيض حميد سميت 5 ڄڻن جي گينگ ٺهي، ڊي سي جو ريٽ 3 ڪروڙ هو.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عبدالعليم خان چيو ته 9 مئي کان اڳ پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي چڪو هيس، هڪ سال تائين سياست کان پري رهيس، هڪ سال ڪوشش ڪئي ته واپار تي ڌيان ڏيان، 20 سالن تائين سياست ۾ ايمانداري سان ڪم ڪيو.

هن چيو ته نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۾ ويس، ملڪ ۾ تبديلي لاءِ گهڻي محنت ڪئي، 2010 کان 2018 تائين پي ٽي آءِ چيئرمين جو ساٿ ڏنو، پنجاب ۾ رهي اپوزيشن ۾ ڪم ڪرڻ مهانگو پوندو آهي، سياست ۾ ڪاروبار کي ڪاروبار کي تمام گهڻو نقصان پهتو.

سندس موجب اسٽيبلشمينٽ کي اندازو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اهو ناهي جيڪو نظر ايندو آهي، اقتدار ۾ اچي هن پنهنجي ماڻهن سان ڇا ڪيو؟ پي ٽي آءِ چيئرمين اقتدار لاءِ اهل نه هو، عمران خان جو ساٿ ڏيندڙ سڀ ڏوهي آهن، اڳوڻي وزيراعظم کي ايستائين پهچائڻ ۾ اسان جو به هٿ هو.

عليم خان چيو ته 2018 جي چونڊ کٽڻ کانپوءِ مون کي اندازو نه هو ته ائين ٿيندو، قومي اسيمبلي جي چونڊ هارائي مان پنجاب ۾ رهجي ويس، مون کي نيب نوٽيس اچڻ شروع ٿي ويا، وڏي وزير جي مقرري جو معاملو آيو ته نيب نوٽيس اچڻ لڳا، 2007 کان 2018 تائين مون وٽ ڪو سرڪاري عهدو نه هو، نيب مون کي 11 سال ڇو نه گهرايو، چونڊون کٽڻ کانپوءِ نيب کي ڪيس ڇو ياد اچي ويا؟ ع سان نالي جو مسئلو هو ته منهنجي نالي ۾ ٻه ڀيرا ع ايندو آهي.

هن چيو ته هڪ ماڊل ٺاهيو ويو، 5 ڄڻن جي گينگ ٺهي، ان گينگ ۾ فيض حميد، فرح خان، عثمان بوزدار، اعظم خان، بشريٰ بي بي ۽ هڪ مشهور بلڊر شامل هئا، هڪ اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل کي آرمي چيف ٺاهڻ جو منصوبو هو، منصوبو هو ته آرمي چيف بڻايو وڃي ته هو وزيراعظم بڻائيندو.

استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر چيو سمجهه ۾ نٿو اچي ته عثمان بوزدار گرفتار ڇو ناهي ٿيو، عثمان بوزدار گرفتار ٿي وڃي ته ٽڪي ٽڪي جو حساب ملي ويندو، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي تحفن جو ٻڌايو، هن آءِ ايس آءِ چيف کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، ڪو الزام غلط هو ته انڪوائري ڪرائي وڃي ها.

سندس چوڻ هو ته ٽرانسفر پوسٽنگ ۾ ڪرپشن ڪئي وئي، ڊي سي جو ريٽ 3 ڪروڙ ۽ ڪمشنر جو ريٽ 4 ڪروڙ هو، ڊي سي کي 6 مهينن لاءِ لڳايو ويندو هو، ڊي سي کي 6 مهينن کانپوءِ 3 ڪروڙ وڌيڪ ڏيڻا پوندا هئا، ائين ته جيڪو چاهي ڪمشنر لڳي سگهي ٿو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جون اڳوڻي جنرل سان ملاقاتون ٿينديون هيون، اڳوڻو جنرل سموري صورتحال کان واقف هو، آمريڪا ڪيپٽل حملي ۾ 1200 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا، آمريڪا ۾ حملي جي ماسٽر مائنڊ کي 18 سال قيد جي سزا ٿي، اسپيڪر جي ٽيبل تي جوتا رکي ويهندڙ کي 14 سال سزا ٿي، آمريڪا ۾ دٻاءُ وجهي سزائون نه ٿيون ڏياري سگهجن، هتي شهيدن جي مجسمن جي بي حرمتي ڪئي وئي، فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا، پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي، حملا ڪندڙن کي ضرور سزا ملڻ گهرجي، 9 مئي واقعن ۾ ڪجهه حاصر سروس آفيسر ملوث هئا، حاضر سروس آفيسرن خلاف ٽرائل هلي رهيو آهي.

عليم خان چيو ته گهڻن ماڻهن اڃا آءِ پي پي کي جوائن ناهي ڪيو، هڪ وڏو گروپ اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڪو به ن ليگ ۾ وڃڻ نٿو چاهي، پنجاب ۾ ڪو پ پ جوائن ڪرڻ نٿو چاهي، پنجاب ۾ ٻه آپشن آهن ن ليگ ۽ آءِ پي پي، ن ليگ ۾ ماڻهو اڳ ئي موجود آهن، اتي ٽڪيٽ نٿي ملي سگهي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن لاءِ اڪيلو آپشن آءِ پي پي آهي، اسان جو منشور غريب ماڻهو لاءِ آهي، حڪومت ويندي ويندي پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو، ن ليگ ڪهڙي منهن سان ووٽ گهرندي.

آگسٽ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو