سول جج جي گهرواري هٿان تشدد جو نشانو بڻيل رضوانا جي طبعيت بهتر ٿيڻ لڳي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ 14 ورهين جي نينگري رضوانا جي حالت ۾ بهتري اچڻ لڳي.
پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر الفريد ظفر موجب رضوانا جي صحت بهتر ٿي رهي آهي ۽ ان جا پليٽيليٽس 12 هزارن مان وڌي 80 هزار ٿي ويا آهن.
هن چيو ته ساهه کڻڻ ۾ بهتري تي آڪسيجن جي فراهمي گهٽ ڪئي وئي آهي ۽ نينگري کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته رضوانا جي جسم ۾ موجود انفيڪشن گهٽجي رهيا آهن ۽ اميد ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سندس صحت وڌيڪ بهتر ٿي ويندي، جڏهن ته انفيڪشن وڌيڪ گهٽجڻ کانپوءِ ٻانهن جي سرجري ڪنداسين.
آگسٽ 3, 2023