اداڪارا مهربانو ڪهڙي وڊيو پوسٽ ڪئي جو مداح تپي باهه ٿي ويا؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهربانو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ريل شيئر ڪئي، جنهن ۾ لباس جي چونڊ تي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
مهربانو اڄڪلهه آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر آڪلينڊ ۾ آهي ۽ هوءَ سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي مختلف پوسٽون شيئر ڪري رهي آهي.
تازو مهربانو هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو ته مان پنهنجي مڙس کي گهر ڇڏي آڪلينڊ گهمڻ نڪتي آهيان، گڏوگڏ هن لکيو ته مان خرچ بچائيندي وار ڪَٽرائڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته ان تي 12 ڊالرن جو خرچ ٿيڻو هو.
اداڪارا لکيو ته عورت هجڻ تي پاڻ سان محبت آهي، مون کي پنهنجي وارن لاءِ سپلٽ اينڊز سان محبت آهي.
آگسٽ 2, 2023