گنيز ورلڊ رڪارڊز، ميسي، رونالڊو کي پوئتي ڇڏي ڏنو
ارجنٽينا کي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ فاتح بڻائيندڙ ليونل ميسي هڪ ڀيرو وري پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل تي فٽبالر طور سڀ کان وڌيڪ ٽائٽلز جي تازا ترين فهرست شيئر ڪئي.
ان فهرست ۾ انٽر ميامي ڪلب جي نمائندگي ڪندڙ ميسي فهرست نظر اچي رهيو آهي، اسٽار فٽبالر جي موجودگي ۾ سندس ٽيمز 41 ٽائٽلز کٽيا آهن.
فهرست ۾ سعودي ڪلب النصر لاءِ کيڏندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو ٻئي نمبر تي موجود آهي، هن هنيئر تائين پنهنجي ٽيمز کي 40 ٽائٽلز کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
اهڙي ريت پولينڊ جي رابرٽ ليوينڊوسڪي جي موجودگي ۾ سندس ٽيمز نوَ، فرانس جي ڪيلان ايمباپي پنج جڏهن ته برازيلي ڪپتان نيمار جونيئر چار ٽائٽلز کٽرايا آهن.
آگسٽ 2, 2023