ڪراچي سوشل فورم جي سڏ تي ڪارونجهر جي نيلاميءَ خلاف احتجاجي مظاهرو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي شعور ڪارونجهر جي نيلاميءَ کي رد ڪري ڇڏيو، اسيمبلين مان قانونسازي ڪرائي جبل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ ۽ معاملو هميشه لاءِ دفن ڪرڻ جو مطالبو، 4 آگسٽ تي ايس ٽي پي جي ڌرڻي جي حمايت. تفصيل موجب سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر کي ڪٽڻ واري فيصلي خلاف ڪراچي سوشل فورم جي سڏ تي محبوب علي عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
۽ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ ڪراچي سوشل فورم جي اڳواڻن، مختلف سياسي، سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪي ايس ايف جي چيئرمين محبوب علي عباسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار پاران ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍي وري معطل ڪرڻ صرف چالاڪي آهي اهڙي سنڌ دشمن فيصلي کي مڪمل رد ڪريون ٿا،
ڇاڪاڻ ته ڪارونجهر هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ پهاڙ آهي، جيڪو سنڌين لاءِ طورسينا ۽ ڪوهه نور جيان مقدس آهي، ڪارونجهر نه صرف تاريخ آهي پر ماحول، ماڻهن، جانورن ۽ پکين لاءِ به اثاثي جهڙي حيثيت رکي ٿو، سنڌ جي ثقافتي، تاريخي ۽ سياحتي ماڳن سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي.
هن چيو ته مراد علي شاهه کي گذارش آهي ته سنڌ اسيمبلي مان اهڙو بل منظور ڪرائي جنهن سان سنڌ جي تاريخي ماڳن کي تحفظ ۽ ترقي ملي سگهي، قومي اسيمبلي مان به ڪارونجهر جبل کي قومي ورثو قرار ڏيارڻ جو بل منظور ڪرايو وڃي، ڪراچي سوشل فورم 4 آگسٽ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اعلانيل احتجاج جي حمايت ڪري ٿو،
جنهن ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين. الاهي بخش بڪڪ چيو ته ڪارونجهر جو ٽينڊر جاري ڪري ڪٽڻ وارو فيصلو قوم ۽ ڌرتي دشمن عمل آهي، جنهن کي سنڌ جو ست ڪروڙ عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو، اسين سنڌ جي انچ انچ جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا،
جيڪڏهن فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڄي سنڌ روڊن تي هوندي، جيڪو فيصلو ڪندڙن خلاف ريفرينڊم هوندو، حڪمران اهڙيون حرڪتون بند ڪن نه ته کين لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي. قومي راڳي بيدل مسرور چيو ته سنڌ جو هي فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي ڪارونجهر سنڌين جو اوچو ڳاٽ آهي،
جنهن کي ڪٽجڻ نه ڏينداسين. ايس يو پي اڳواڻ عنايت کٽياڻ چيو ته ڪارونجهر مقدس آهي ۽ سندس پاڻي به پوتر آهي، اهڙي ماڳ کي مسمار ڪرڻ جو فيصلو سنڌ جي تاريخ وڪرو ڪرڻ برابر آهي.
ايڊوڪيٽ امان الله شيخ ۽ پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته هن عمل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هر روز سنڌ کي کپائڻ جا منصوبا ۽ فيصلا حڪمرانن جي تباهي جو سبب بڻبا، ان ڪري هوش کان ڪم وٺن.
محمد سچل وڌو چيو ته سنڌ حڪومت سياحت کي هٿي ڏيارڻ بدران سياحتي ماڳن کي کپائڻ جي پويان آهي، اهڙي عمل کي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا ۽ سخت مزاحمت ڪئي ويندي. آفتاب گوپانگ چيو ته سنڌ ماء جيان آهي
ان جا عضوا ڪٽڻ جي سازش ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي پنهل لاڙڪ، شاهد عباسي، عرفان عالماڻي، ستار راڄپر،ارشد عباسي، فرحان سومرو، نواز سانگي، ذوالفقار سيال، محمد عيسا ڪاتيار،معشوق منگي، فياض عباسي ،اشفاق عباسي ،منصور عباسي ،شاهد راڄپر، شبير کٽياڻ مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر کي قتل ڪرڻ وارو فيصلو فوري دفن ڪيو وڃي.
آگسٽ 2, 2023