ڏوڪري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تعلقھ اسپتال جي ڪالوني زبون حال
ڏوڪري (قاضي فريد) ڏوڪري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سان منسوب ٿيل تعلقہ اسپتال جي ڪالوني زبون حال بڻيل آهي، ڪالوني ۾ ڊرينج سسٽم نه هجڻ سبب گندو پاڻي ڪالوني ۾ بيهجي ويو،
ملازمن پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا، ڏوڪري ۾ قائم ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سان منسوب تعلقہ اسپتال جي ڪالوني زبون حال بڻجي وئي آهي، ڪالوني جي ڪوارٽرن جي ڇتن مان چاپڙ ڪري رهيا آهن،
چاپڙ ڪرڻ سبب ملازم پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته اسپتال جو ڊرينج سسٽم درست نه هجڻ سبب نالين جو گندو پاڻي ڪالوني ۾ بيهجي ويو. ان موقعي تي سياسي سماجي ۽ ملازمن جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، نادر حسين، ريحان احمد ۽ ٻين چيو ته ڪالوني زبون حال بڻجي وئي
ڪوارٽرن جي ڇتن جا چاپڙ ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن به وقت ڪوارٽر ڪري سگهن ٿا. هنن چيو ته ڪالوني ۾ ڊرينج سسٽم نه هجڻ سبب گندو پاڻي ڪالوني ۾ بيهجي ويو آهي
۽ ڪيترائي ڀيرا اسپتال انتظاميا کي لکت ۾ درخواستون پڻ ڏنيون آهن پر هن وقت تائين ڪالوني جي مرمتي ڪم ۽ صفائي سٿرائي ناهي ڪرائي وئي.
آگسٽ 2, 2023