وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻي جو قديمي قبرستان رولو جانورن جو آماجگاھ بڻجي ويو

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻي جو قديمي قبرستان رولو جانورن جو آماجگاھ بڻجي ويو ڪيتريون ئي قبرون ميسارجي ويون

۽ قبرن جي بيحرمتي ٿيڻ لڳي ۽ قبضا ٿيڻ تي ڳوٺاڻن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۾ تاءٔ پکڙيل انتظاميا زميوار قرار ۽ چؤديواري ڏياريڻ جي گھر ڪئي وئي ان سلسلي ۾  ڳوٺاڻن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن انجنئير  محمد حسن وڳڻ ـ غلام نبي پنھور ـ يار محمد گائنچو ـ روشن ٽوٽاڻي ـ عبدالجبار پنھور ـ محبوب علي وڳڻ ـ انيس خاصخيلي ـ محمد بخش خاصخيلي ـ عبدالخالق چانڊيو  ۽ ٻين ٻڌايو ته جعفراڻي ڳوٺ جو قبرستان قديمي آهي

جنهن ۾ علائقي  جو نيڪ مرد سخي محبوب خان وڳڻ پڻ ھن قبرستان ۾ آرامي آهن ۽ مالڪي نه ٿيڻ ڪري قبرون مسمار ٿي رھيون آهن ۽ قبرستان رولو جانورن جو آماجگاھ بڻجي ويو آهي

انتظاميا جي بي ڌياني سبب ڀر وارن ڳوٺاڻن قمبرن مٿان قبضا ڪرڻ لڳا آهن جڏهن ته شھر جي نيڪال جو گندو پاڻي پڻ قبرستان ۾ داخل ٿي رھيو آهي جنهن ڪري قبرون ڊھي ويون آهن

 ۽ چؤديواري نه ھئڻ ڪري  جانورن جي لتاڙ جو سلسلو بند ناهي ٿي سگھيو جڏهن به  پنهنجن پيارن جي قبرن تي اچون ٿا ۽ انهن جون قبرون  ميساريل ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو

 ھنن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا وٽ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ھوندي به چؤديواري ناھي ڏياري وئي ۽ ٽاؤن وڳڻ انتظاميا پڻ اک ناھي کولي ھنن وڌيڪ گھر ڪئي آهي ته سخي محبوب خان وڳڻ جي ھن قديمي قبرستان کي چؤديواري ڏياري وڃي.

آگسٽ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو