ميرپورخاص ۾ ايف جي آر ايف جي وڻڪاري مهم جو افتتاح

Spread the love

ميرپورخاص (رپورٽ : خدابخش چوھاڻ) ميرپورخاص ۾ ايف جي آر ايف جي وڻڪاري مهم جو افتتاح دعوت اسلامي جي مرڪزي مجلس شوريٰ جي ميمبر حاجي فاروق جيلاني ۽ ميئر عبدالرئوف غوري پاران ڪيو ويو  .

سموري پاڪستان ۾ امير اھلسنت مولانا  الياس قادري دامت برڪاتھم العاليھ جي ھدايت تي ايف جي آر ايف دعوت اسلامي ميرپورخاص پاران ٻوٽا پوکڻ واري مهم جو افتتاح دعوت اسلامي جي مرڪزي مجلس شوري جي ميمبر حاجي فاروق جيلاني  ميئر عبدالرئوف غوري ٻوٽو لڳائي، ڪيو.

تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، پاڪستان سني تحريڪ پاڪستان ۽ شهر جي ٻين سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڪاروباري شخصيتن سميت صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي فاروق جيلاني چيو ته اسان کي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻو آهي.

 اسان جو ملڪ سرسبز ۽ شاداب ٺاهڻ  آهي، هر اسلامي ڀاءُ کي گهرجي ته هو پنهنجي هٿن سان هڪ ٻوٽو پوکي ۽ ان جي سار سنڀال ڪري ان کي وڻ ۾ تبديل ڪري ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائي سگهون ۽ وڻن جي کوٽ سبب ايندڙ آفتن کان بچي سگهون.

جنهن ۾ چيو ويو ته  موسمياتي تبديلين جي ڪري وڻ پوکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي دعوت اسلامي پاران وطن کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڻ پوکڻ جي هن مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي، 

چيئرمين حاجي محمد علي حنيف ميمڻ، ممتاز جھنڊير، سياسي ۽ سماجي شخصيت آفتاب حسين قريشي، فيصل خان، زئي خالد، تبسم التماس، صابر ڪاشف عباسي، انصار، احمد اسلم قريشي پڻ ٻوٽا پوکيا، ان موقعي تي شوري ميمبر حاجي فاروق جيلاني معزز مهمانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن آجيان ڪئي. تعاون ۽ سڀني جي بهترين لاء دعا ڪئي.

آگسٽ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو