موسميات کاتي جي ايندڙ ڏينهن ۾ برساتن بابت اڳڪٿي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ ۾ موسم جي صورتحال جي حوالي سان اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم رهندي، جڏهن ته سامونڊي علائقن ۾ ڪجهه جاين تي بونداباندي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم رهندي، جڏهن ته مري، گليات ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، ان کانسواءِ ڪشمير ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ مينهن وسي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب گلگت بلتستان ۾ موسم خشڪ ۽ جهڙالي رهندي، جڏهن ته پشاور، ايبٽ آباد، مانسهرا، بالاڪوٽ، مالاڪنڊ، مردان، دير، ڪوهستان ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم رهندي پر سيالڪوٽ، لاهور، گوجرانوالا، گجرات، فيصل آباد، جهنگ، سرگوڌي، خوشاب، ميانوالي ۾ برسات جو امڪان آهي.
آگسٽ 2, 2023