ملير : مال جي 13 واپارين کان 15لکن کان وڌيڪ رقم ڦر ،  واپارين پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ملير (ڊر) ملير ۾ مال جي 13 واپارين کان ڦورو 15 لک کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ موبائيل فون ۽ قيمت سامان ڦر ڪري فرار، احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو،

مال جا واپاري تيسر ٽائون کان گلشن معمار طرف وڃي رهيا هئا ته يرغمال ٻڻائي لکين روپيا ۽ قيمتي سامان کان محروم ڪيو ويو آهي پوليس رقم ۽ سامان واپس ڪرائي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو

 رهواسي تفصيل موجب: ملير جي گڏاپ ٿاڻي جي حد علائقي سهتاڻي اسٽاپ ڀرسان گذريل ڏينهن هٿياربندن دريا خان سهتاڻي ڳوٺ جي معزز بشير احمد سهتاڻي سميت 13 مال جي واپارين کي رستي تي روڪي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد بعد 15 لک کان وڌيڪ رڪ رقم موبائيل قيمتي سامان ڦر هٿياربند فرار ٿي ويا

واردات خلاف علائقي واسين دريا خان سهتاڻي ڳوٺ جي معزز بشير احمد سهتاڻي سميت 13 واپارين کان لکين رپين جي ڦر ۽  تشدد خلاف روڊ تي ڌرڻو هڻي  گڏاپ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي جنهن سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بدامني سبب عوام  اذيت ۾  مبتلا آهي ڪيتري دير دوران 13 واپارين کي يرغمال بڻائي ڦر ۽ تشدد ڪيو ان دوران پوليس غائب هئي گڏاپ پوليس ڪارروائي ڪري روڪ رقم ۽ سامان واپس ڪرائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

پوليس جون احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ منٿون احتجاجي مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ناڪام احتجاج سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

آگسٽ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو