لوڊشيڊنگ خلاف گلشن حديد رهواسين پاران ڪي اليڪٽرڪ آفيس آڏو احتجاج
ملير (ڊر) گلشن حديد ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين طرفان چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اڳواڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ آفيس جوڳي موڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، سخت نعريبازي،
سڄي گلش حديد مان صرف 200 گهرن جي بجلي بند ڪري زيادتي ڪئي پئي وڃي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو جواز گهڻن بند ڪري 100 سيڪڙو بل ادا ڪيو پيو وڃي ان باوجود اٺ اٺ ڪلاڪ بجلي بند ڪري ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي
فوري طور لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ھيڊ آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين اڳواڻ تفصيل موجب: گلشن حديد ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ مڪاني نمائندن چيئرمين رائو صفدر، وائيس چيئرمين عباوٽالپر، بشير جوڻيجو، عرس کهڙو ، ميان عمران ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪي اليڪٽرڪ آفيس جوڳي موڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جيڪي ڪي اليڪٽرڪ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل 20 ڏينهن کان ڏينهن ۽ رات اٺ اٺ اٺ ڪلاڪ بجلي بند ڪري زيادتي ڪئي پئي وڃي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو هنن چيو ته جي ايم هڪ هفتي ۾ مسئلو حل ڪرائڻ جو حالي پوپ ڏئي گم ٿي ويو آهي
انتظاميا فضول جواز گھڙي رهي آهي ماڻهون عذاب ۾ مبتلا اهن هنن چيو ته 100 سيڪڙو بل جي ادائيگي باوجود علائقي ۾ رڳو ٻه سئو گهرن جي بجلي بند ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر آهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ هيڊ آفيس تي ڌرڻو ھڻنداسين.
آگسٽ 2, 2023