سيٺارجا لڳ تيرهن محروم الحرام جي ڏينهن تي مجلس عزا منقعد ڪئي وئي

Spread the love

سيٺارجا (رپورٽر ) سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ زوار محمد يوسف بڙدي ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ تيرهن محروم الحرام جي ڏينهن سالياني مجلس عزا منقعد ڪئي وئي مجلس عزا کي خطاب ڪندي حاجي زوار مولانا منظور حسين سولنگي، سيد رضا عباس شاه، مولانا مدد علي ملاح، سيد ابرار حسين شاه، مولانا وقار حيدر ٻرڙو ٻين خطاب ڪيو

ان موقعي تي هنن چيو ته امام حسين عليه السلام پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن جي قرباني ڏني جنهن اسلام کي بقا ڏئي انسانيت کي بچايو جيڪڏهن امان حسين عليه السلام ان وقت قرباني نه ڏئي ها ته اسلام خطري ۾ هيو ۽ اسلام کي تحفظ ڏيڻ وارو امام حسين عليه السلام ئي آهي

 امام حسين عليه السلام جي قرباني مسلمانن ۾ جذبو پيدا ڪيو آهي جيڪو قيامت تائين ختم نٿو ٿي سگهي پوري ڪائنات ۾ جيڪو امام حسين عليه السلام سان محبت ۽ ان جي نالي تي جيڪو خرچ ڪيو ٿو وڃي

 اهيو دنيا لاءِ هڪ پيغام آهي امام حسين عليه السلام جي ڏنل پيغام تي عمل ڪيو. جڏھن ته مجلس ۾ علائقي جي مومنن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 مجلس ختم ٿيڻ کان پوءِ نياز نگر تقسيم ڪيو ويو جڏھن ته مجلس جا انتظام ديدار علي، زوار سينگار علي سردار علي منٺار علي غمنٺار علي تـوق عــلي بڙدي ۽ ٻين سنڀاليا سيڪورٽي جا انتظام ڏيپارجا پوليس چونڪي انچارج اي ايس آء امام بخش سوڍڙو ۽ ٻين سخت  ڪيا ويا.

آگسٽ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو