سيوھڻ : مسجد جي عام گھٽي ۾ برسات کان اٿليل مين نالي جو ڪم نھ ٿيو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي داديچي موري جي سائين علي بخش لنڊ جي مسجد جي عام گھٽي ۾ گذريل برسات کان وٺي مين نالي اٿلي پئي آھي،
جنھن جي ڪري شھرين کي اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف پيش اچي رھي آھي، جڏھن ت مسجد ۾ جماعتن کي نماز پڙھڻ جي لاء ان گندي پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو، جڏھن ت ھن مين گھٽي ڏي جيڪو صفائي انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو آھي، اھو ھن پاسي ڏي وزٽ ڪرڻ ئي ن آيو آھي،
جڏھن ت انسپيڪٽر ڏي ھي وڊيو تاريخ 01-08-2023 تي پڻ موڪلي ويئي آھي، پر اڄ ڏينھن تائين ان صفائي انسپيڪٽر گھٽي جي صفائي ن ڪرائي آھي، ان جي لاء پاڙي جي رھواسين سائين سيد شھزاد حيدر شاھ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ کي التجا ڪري رھيا آھن
ت سائين اسان جي مين گھٽي جي صفائي ڪرائي ڏني وڃي ۽ نئين مقرر ٿيل انسپيڪٽر کي ھدايت ڪئي وڃي ت اسان جي وارڊ نمبر 01 سخي پاڻ سلطان محله جي ڏکڻ جي پاسي داديچي موري جي مين گھٽي جي صفائي ڪرائي.
آگسٽ 2, 2023