دادو: مرڪزي اهل سنت ضلعي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو  (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) مرڪزي اهل سنت ضلع دادو پاران پير علي جان، علامہ عبدالوحید قريشي، محمد زمان ڪرمي، پير نور الله جان، پير مقبول احمد ملڪاڻي، سيد خورشيد شاهه ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،

اڳواڻ دادو پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 محرم الحرام تي ڀان سيد آباد شهر ۾ مذهبي فرقيواريت ڪندڙ ايس ايڇ او اياز جنڊاڻ، وڏي منشي خادم حسين جمالي، اي ايس پي بيدار بخت پاران بنا جواز ڀان سيد آباد جي علمائن جي گھرن تي پوليس اٽالن سان چڙهائيون ڪري علمائن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي بند ڪري حراسان ڪري نازيبا ٻولي ڳالهائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن

جنھن جي اسين مذمت ڪيون ٿا،مرڪزي امير حضرت پير مفتي خليل احمد جان نقشبندي جي تقرير تي بلا جواز پابندي لڳائي وئي آهي،

ان کي ختم ڪيو وڃي، پوليس جي اي ايس پي، ايس ايڇ او، وڏي منشي کي گرفتار ڪري سندن نوڪريون ختم ڪيون وڃن اسان 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا، عمل نه ٿيو ته سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

آگسٽ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو