اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان لاءِ نااهلي کان خبردار ڪري ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين کي 4 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ چونڊ نشان لاءِ نااهل ٿي سگهي ٿي.

پي ٽي آءِ چيئرمين کي موڪليل نوٽيس موجب پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون 13 جون 2021 ۾ ٿيڻ جو امڪان هو، اليڪشن ڪميشن ڌيان ڇڪائڻ جا نوٽيس جاري ڪيا، جون 2022 ۾ آخري نوٽيس جاري ڪيو ويو پر هاڻ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ترميم ٿيل آئين جي ڪاپي جمع ڪرائي، جيڪو ناڪافي هئي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي جواب لاءِ 4 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي.

آگسٽ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو