”تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما“ جي اداڪارا جي 6 سالن کان پوءِ ڊرامي ۾ واپسي
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جي مشهور ترين مزاحيا ٽي وي ڊراما ”تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما“ ۾ ديابين جو مُک ڪردار نڀائيندڙ ديشا وڪاني جي شو ۾ 6 سالن کان پوءِ واپسي ٿي رهي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڊرامي جي پروڊيوسر اسيت ڪمار مودي جيڪو ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيران ان ڳالهه جو مداحن سان واعدو ڪري چڪو آهي ته پراڻي ديابين کي ڊرامي ۾ واپس آندو ويندو، هاڻ هن اداڪارا ديشا وڪاني جي واپسي جي تصديق ڪئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسيت ڪمار تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما کي 15 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ديشا هاڻ جلد مداحن کي پنهنجي پراڻي ڪردار ۾ نظر ايندي.
آگسٽ 1, 2023