گهوٽڪي: پ پ شهيد ڀٽو پاران جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي
گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) پ پ شهيد ڀٽو ضلع گهوٽڪي پاران شهيد مير مرتضي جي پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي 33 هين سالگرهه وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، پ پ شهيد ڀٽو ضلعي گهوٽڪي جي آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ 10 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو،
پ پ سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي عوام جي درد کان جونيئر ذوالفقار ڀٽو فاطمه ڀٽو چڱي ريت واقف آهن هو تمام عملي سياست جو اعلان ڪندا،
۽ عوام جي خدمت جو آغاز ڪندا، اڳواڻ تفصيل موجب پ پ شهيد ڀٽو ضلع گهوٽڪي پاران شهيد مير مرتضي جي پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي 33 هين سالگرهه وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، ان سلسلي پ پ شهيد ڀٽو ضلعي گهوٽڪي جي آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ 10 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو
ان موقعي تي اڳواڻن پ پ پ شهيد ڀٽو فاطمه ڀٽو ورڪنگ ڪاميٽي ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻ جلال بوزدار، عاشق بوزدار، نثار بوزدار، سعيد بوزدار، شهزاد بوزدار، مهراڻ جتوئي، پير بخش ٽانوري، ڀڄن لعل ۽ ٻين چيو ته ملڪي سياست ۾ اصول پسند سياستدان جي انتهائي کوٽ آهي
جنهن جي پورائي لاءِ شهيد ڀٽو جو وارث جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو جي سخت ضرورت آهي هنن وڌيڪ چيو ته پ پ سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي،
سنڌ جي عوام جي درد کان جونيئر ذوالفقار ڀٽو فاطمه ڀٽو چڱي ريت واقف آهن هو تمام عملي سياست جو اعلان ڪندا، ۽ عوام جي خدمت جو آغاز ڪندا، هنن چيو ته عوام کي گهرجي ته حقيقي ڀٽو جو ساٿ ڏين، ۽ زرداري ليگ کان آزادي حاصل ڪن.
آگسٽ 1, 2023