ڊي اِي او تعليم الاھ بخش سومرو پاران ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جي اسڪولن جو دورو
ڏوڪري (رپورٽر) ڊي اي او تعليم کاتو لاڙڪاڻو الا بخش سومرو جو تعلقي ڏوڪري، باقراڻي جي اسڪولن جو دورو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن تعليم کاتي جي وئڪيشن پوري ٿيڻ بعد ڏوڪري، باقراڻي تعلقي جي مختلف اسڪولن رحيم بخش ٻگهيو، ڪاراڻي هاءِ اسڪول، لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) هاءِ اسڪول، موئن جو دڙو اسڪول سميت مختلف اسڪولن جو دورو ڪري اسڪول ۾ پهتل شاگردن کان معلومات ورتي ۽ کين تعليم طرف توجهه ڏيڻ تي زور ڀريو
جڏهن ته ڊي اي او تعليم کاتو لاڙڪاڻو الا بخش سومرو مختلف اسڪولن جي دوري دوران اسڪولن ۾ موجود استادن کان پڻ معلومات ورتي ۽ کين هدايتون جاري ڪندي چيو ته پنهنجي اسڪولن ۾ داخل شاگردن جي پڙهائي تي مڪمل ڌيان ڏنو وڃي، شاگردن کي به گهرجي ته پنهنجي استادن جي والدين وانگر عزت ڪن ڇاڪاڻ ته استاد شاگرد کي فرش کان عرش تائين پهچائي ٿو تعليم ذريعي معاشري ۾ ماڻهو اعلي مقام حاصل ڪري ٿو،
دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي اي او لاڙڪاڻو چيو ته تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاه، سيڪريٽري تعليم کاتو اڪبر لغاري صاحب جن جي حڪم تحت ضلعي لاڙڪاڻي جي سمورن اسڪولن جو دورو ڪري رهيا آهيون
هن والدين تي زور ڀريو ته پنهنجي گلن جهڙن معصوم ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن دنيا اندر تعليم ئي واحد رستو آهي جنهن ذريعي جهالت کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، ان دوران ساڻس محمد معشوق بروهي سميت ٻيا گڏ هئا.
آگسٽ 1, 2023