پاڪستان جا 3 رانديگر ڪامن ويلٿ يوٿ گيمز ۾ حصو نه وٺي سگهندا
ويزا مسئلن سبب پاڪستان جا ٽي رانديگر ڪامن ويلٿ يوٿ گيمز ۾ شرڪت کان محروم رهجي ويا، هڪ سوئمر ۽ ٻه ٽريڪ اينڊ فيلڊ جا اٿليٽس ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا.
ڪامن ويلٿ يوٿ گيمز جا مقابالا چار کان يارنهن آگسٽ تائين ٽرينڊاڊ اينڊ ٽوبيگو ۾ شروع ٿيندا.
پاڪستاني رانديگرن کي ٽرينڊاد وڃڻ لاءِ آمريڪا جي ٽرانزٽ ويزا گهربل هئي، پر ٽن رانديگرن کي آمريڪي ٽرانزٽ ويزا نه ملي سگهي.
آمريڪي ٽرانزٽ ويزا نه ملڻ سبب سوئمر حمزا آصف ۽ اٿليٽس اسد خان ۽ ثانيا ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ روانو نه ٿي سگهيا آهن.
ايونٽ ۾ پاڪستان طرفان هاڻي ٽي سوئمرز ۽ ٻه آفيشلز شرڪت ڪندا، سوئمرز حريم ملڪ، مهر مقبول ۽ علي محمد ميٺا، سوئمنگ ڪوچ حاجره نعيم ۽ چيف ڊي مشن عاقل شاهه ٽرينڊاڊ روانو ٿي ويا آهن.
آگسٽ 1, 2023