پاسپورٽ ٺهرائيندڙن لاءِ اهم خبر

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور شهر جي سمورن ريجنل اميگريشن ۽ پاسپورٽ آفيسن ۾ آن لائين نظام تي عمل شروع ڪيو ويو آهي.

آن لائين پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ 1000 رپيا واڌو فيس مقرر ڪئي وئي آهي، ريگيولر پاسپورٽ لاءِ 3000 رپين بدران 4000 رپيا فيس جمع ڪرائڻي پوندي.

ارجنٽ فيس لاءِ 5 هزار رپين بدران 6 هزار رپيا ادا ڪرڻا پوندا، آن لائين درخواست جمع ڪرائيندڙ شهرين جي گهرن تائين پاسپورٽ پهچايا ويندا.

شهري پاسپورٽ لاءِ آن لائن درخواست جمع ڪرائي سگهندا، آن لائن درخواست سان گڏ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي ڪاپي به هجڻ گهرجي.

آگسٽ 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو