ٺٽو: ڳوٺ محراب خان سولنگي بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون، شاگرد پريشان

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي)  ٺٽي ويجھو يوسي سونڊا جي علي بحر لڳ ڳوٺ محراب خان سولنگي جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ڪافي وقت کان وٺي زبون حال ٿيڻ بعد ھاڻي اسڪول جي ڇت مان چاپوڙا ڪرڻ بہ روز جو معمول بڻجي ويو،

اسڪول جي کلڻ واري پھرين ڏينھن تي صبح جي وقت ٻارڙن جي اچڻ کان اڳ زبون حال بلڊنگس مان چاپوڙا ڪرڻ ڪري اسڪول ۾ پيل فرنيچر بہ ٽٽي تباھ ٿي ويو اھي،

جڏھن تہ ٻار نہ ھجڻ ڪري محفوظ رھيا، مقامي ڳوٺاڻن موجب ڪافي ڀيرا تعليم کاتي جي آفيسرن کي آگاھ ڪري چڪا اھيون،

پر ڪير بہ ھن طرف ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري اسڪولي ٻارڙن جون حياتيون ھميشہ خطري ھيٺ ھجڻ ڪري اسڪولي ٻارڙن ۾ خوف ڇانيل آھي، مقامي ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي عملدارن، چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميہ ٺٽو کان گھر ڪئي

 تہ زبون حال اسڪول جي بلڊنگس جي مرمت ڪرائي شاگردن کي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪوبہ نقصان ٿيو تہ ان جا ذميوار تعليم کاتي جا عملدار خود ھوندا.

آگسٽ 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو