وڳڻ: جماعت اھل سنت طرفان ڪربلا جي شھيدن جي شان ۾ جلسو منعقد

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ ڪرمي جماعت اھل سنت يونٽ وڳڻ طرفان  شھدا ئي ڪربلا جي شان ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو تفصيل موجب وڳڻ ڪرمي جماعت اھل سنت يونٽ شھر وڳڻ خليفه مولانا عبدالغفار ٻگھيو طرفان ڪربلا جي شھيدن جي شان ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو

 جنھن ۾ اھلسنت جماعت جي ڪارڪن عقيدتمندن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنھن ۾ ڪرمي جماعت جي اڳواڻ حضرت علامہ ومولانا صاحبزاده ابو هاشم محمد المعروف مٺل سائين ڪرمي انصاري،۽ مفتي ضمير حسين سڪندري، جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته حسينيت ئي راهه نجات آهي

 انسانن کي ايڪي ۽ ڀائيچاري سان زندگي گذارڻ گهرجي جنهن سان دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهجي ٿو  ھن چيو ته ڪربلا جي ميدان ۾ امامن جي ڏنل قرباني  حق ۽ باطل وچ ۾ فرق سيکارڻ سان گڏ اھو پڻ سيکاري ٿي ته ڪنھن به ظالم ۽ جابر جي بعيت نه ڪريو جڏھن ته ڪربلا اسان لاء مشعل راھ آھي

 پڻ انھي موقعي سنڌ جي ناميار نعت خوانن سعادت علي ڪرمي،معشوق علي ڪرمي،محرم علي کوسو،احمد علي مغيري،فقير ضمير حسين مغيري ۽ ٻين شھداء ڪربلا جي شان ۾ نعت شريف جو نظرانو پيش ڪيو ويو.

آگسٽ 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو