وسيلن جي مالڪي سنڌي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي: عادل الطاف انڙ

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) عادل الطاف حسين انڙ چيو آھي تھ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي سنڌي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي،برسات ۽ ٻوڏن جو بي گهر ٿيل عوام جي ڪا به مدد ناهي ٿي سگهي.

ڏوڪريءَ ۾ جي ڊي اي ضلعي ڪنوينر عادل الطاف حسين انڙ معزز شخصيت استاد ارباب علي جي انتقال سميت مختلف برادرين سان تعزيت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ڪارونجهر سنڌي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي،نيلامي ۽ واڍي دوکيبازي آهي.

برسات ۽ ٻوڏن ۾  بي گهر ٿيل عوام جي ڪا به مدد ناهي ٿي ھن وقت به ڏکي زندگي گذاري رهيا آهن. ھن چيو ته ڏوڪري ۽ باقراڻي جي عوامي طاقت انڙ خاندان سان گڏ آهي ان جو مثال بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊجي آيل اسان جا نمائندہ آهن.

اسان جي ڪيل ترقياتي ڪمن کان پوءِ ٻنهين تعلقن ۾ نالي ماتر ڪم ٿيو آهي،شعوري عوام سنجهي چڪو آهي.ايندڙ اليڪشن ۾ مخالفن عبرتناڪ شڪست ملندي.

آگسٽ 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو