هر انسان ڏوهن کان نفرت ۽ امن سان پيار ڪري ٿو: ايس ايس پي ميرپورخاص
ميرپورخاص ( رپورٽ: خدابخش چوھاڻ ) هر انسان ڏوهن کان نفرت ڪري ٿو ۽ امن سان پيار ڪري ٿو. ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن رٽائرڊ اسد علي چوڌري جو نيشنل پريس ڪلب ميرپورخاص ۾ 19 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ۔ نيشنل پريس ڪلب ميرپورخاص جي 19هين سالگرهه ميرپورخاص ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن رٽائرڊ اسد علي چوڌري مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.
نيشنل پريس ڪلب پهچڻ تي نيشنل پريس ڪلب جي سرپرست جنرل آفاق احمد، صدر قمرالدين شيخ، نذير احمد چانڊيو ايس ايس پي ميرپورخاص جو استقبال ڪيو ۽ کيس سنڌي بوسڪي پارايو. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري سهيل احمد خان ،شاهه زيب خاصخيلي، سٽي پريس ڪلب جي صدر وارث خاصخيلي، ڪيمرامين شڪيل احمد، ڊاڪٽر فهد ملڪ، غلام قادر چانڊيو، محمد هاشم سولنگي حيات قريشي، پيپلز ليبر بيورو ميرپورخاص جي اڳواڻ ملازم حسين خاصخيلي، ڊي ايس پي سيٽلائيٽ ٽائون قاسم ملڪ ، ڏي ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد اسلم جاگيراڻي ۽ ٻين معزز شهرين شرڪت ڪئي ۽ خاص مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، ان موقعي تي ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن رٽائرڊ اسد علي چوڌري چيو ته پوليس سڀني کي کڻي رهي آهي. امن امان امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ممڪن اپاءَ ورتا پيا وڃن ڇاڪاڻ ته هر انسان ڏوهن سان نفرت ۽ امن سان پيار ڪري ٿو، تنهن ڪري امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي عوام جي گڏيل تعاون سان مشروط آهي. هن نيشنل پريس ڪلب جي عهديدارن کي 19 هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته صحافتي ادارن نه رڳو عوامي مسئلن جي نشاندهي ۽ انهن جي حل لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪيو آهي پر ملڪ جي ترقيءَ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا هميشه عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۾ پوليس جي رهنمائي ڪئي آهي، جنهن ڪري عوام ۽ پوليس وچ ۾ لاڳاپا بحال ٿيا آهن، جيڪو ساراهه جوڳو آهي.
آگسٽ 1, 2023