ميرپورخاص: آءِ بي اي پاليسي خلاف نوجوانن جو احتجاجي مظاھرو
ميرپورخاص (رپورٽ: خدابخش چوھاڻ) ميرپورخاص جي نوجوانن طرفان تازو ئي IBA طرفان 5 کان 15 گريڊ ورتل ٽيسٽن ۾ انٽرويو پاليسي خلاف اسٽيٽ لائيف چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب تي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ویو،
جنھن ۾ اڳواڻڻ جو چوڻ ھو ته انٽرويوءَ پاليسي ختم ڪري جلد کان جلد ٽوپ ٽو باٽم ميرٽ لسٽ شايع ڪري نوجوانن مان ويڳاڻپ ختم ڪئي و ڃي.
اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٽوپ ٽو باٽم ميرٽ لسٽ شايع نه ڪئي وئي ته سنڌ اسيمبلي ۽ آئي بي اي مين گيٽ سامھون احتجاج ڪري تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو.
آگسٽ 1, 2023