ملڪ جو عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري چڪو آھي: حافظ شير محمد الڙو
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري حافظ شير محمد الڙو چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي پاڪستان جي باشعور عوام گڏيل طور تي مسترد ڪري چڪي آهي
عمران خان ۽ ان جي حوارين جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ذاتي مفادن جي چڪر ۾ پي ٽي آءِ ملڪ کي تباهه ڪيو هو،
قومي اثاثن کي نقصان پهچايو، پي ٽي آءِ پاڻ بدنام ٿي چڪي آهي هاڻي پاڪستان جي سياست کي بدنام ڪرڻ ۾ مصروف آهي،
موجوده حڪومت وزير اعظم ميان شهباز شريف جي باصلاحيت قيادت ذريعي ملڪ کي ڏنل بحرانن، مشڪلاتن مان نجات ڏيارڻ لاءِ هرممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان مسلم ليگ ن جي عوامي ۽ ملڪي خدمتون ڪنهن کان لڪيل ناهن،
ڪارڪنن ن ليگ جي مشن کي گهر گهر پهچائي ن ليگ کي وڌيڪ مضبوط ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ زرائع ابلاغ جي نمائندن سان ڳالهائڻ دوران ڪيو.
آگسٽ 1, 2023