لاهور ۾ لبرٽي چوڪ تي 40 ڪروڙ رپين جو جهنڊو لڳائڻ جو منصوبو عدالت ۾ چئلينج
لاهور (ويب ڊيسڪ) آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان لاهور ۾ لبرٽي چوڪ تي 40 ڪروڙ رپين جو جهنڊو لڳائڻ جي منصوبي جو قدم عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راحيل ڪامران شهري عامر سڪندر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نگران حڪومت آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي 4000 ملين جو جهنڊو لڳائڻ جي منظوري ڏني آهي، ملڪي معاشي صورتحال بدترين آهي، اڃا تائين ٻوڏ متاثرن جي بحالي ناهي ٿي، اهو قدم حڪومتي شاهي خرچن جي برابر آهي.
عدالت کي اپيل ڪئي وئي ته پنجاب حڪومت جي اهڙن قدمن کي روڪڻ ۽ جهنڊي لاءِ رکيل رقم عوامي ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کان 4 آگسٽ تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
آگسٽ 1, 2023