دادو: رحماني ننگر اسٽيشن تي ڪارونجهر جي نيلامي خلاف احتجاجي مظاھرو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) رحماني ننگر اسٽيشن ۾ ڪارونجهر جي نيلامي نامنظور جي زوردار نعريبازي سان سيتا سڄاڳ اتحاد پاران سليمان سومرو. محبوب سنڌي ۽ امين سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته پ پ پ هميشه سنڌ ۽ سنڌين سان ويساھ گهاتي ڪئي آهي زرداري ۽ ان جي ٽولي پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ ڪڏهن ٻٽو نظام ٿي آڻي ته ڪڏهن ٻيٽ پئي وڪڻي ته ڪڏهن بحريه ٽائون جھڙا سنڌ دشمن منصوبه پئي جوڙي ته ڪڏھن پنهنجو نام نهاد ووٽ بئنڪ ٺاهڻ لاءِ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري اهي هاڻي تازو پنهنجي آقائن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڃاڻپ قومي ورثي ڪارونجهر جي نيلامي ڪري رھيا آھن
جنھن کي اسان مڪمل طور تي رد ڪندي گهر ڪيون ٿا ته ڪارونجهر کي سنڌ جو تاريخي ۽ ثقافتي. تهذيبي ورثو قرار ڏئي سنڌ جي هن ورثي جي ڪٽائي تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي ان موقعي تي اسد محبوب کوسو. فراز کوسو. رضوان سومرو. اسد مشهور ميمڻ. پيرل قمبراڻي. مشاهد کوسو. ياسين ٻگهيو. وسيم گل ڪلهوڙو. ماجد سومرو. شاهد ملاح. قيوم سومرو. ۽ ٻيا موجود هئا.
آگسٽ 1, 2023